اويس ڀٽو

اويس ڀٽو

اويس ڀٽو

اويس ڀٽو: ناليواري اديب شاعر، تعليمدان اويس ڀٽي جو پورو نالو اويس احمد ڀٽو ولد ارشاد احمد ڀٽو آهي. سندس جنم 23 جنوري 1988ع تي ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان 1999ع ۾، مئٽرڪ 2004ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور مان، انٽر ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل مان، ايم. اي سنڌي، بي. ايڊ ۽ ايم. ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪيائين. هينئر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم. فل ڪري رهيو آهي. اويس ڀُٽي لکڻ جي شروعات 2003ع کان ڪئي، جڏهن هو نائين ڪلاس ۾ پڙهندوهو. سندس پهرين لکڻي 2003ع ۾ ماهوار ‘ساٿي’ رسالي ۾ ڇپي. ان کان علاوه سنگتي، سنڌي ٻارڙا، ٻارن جي دنيا، تحفو، ٻالڪ دنيا، گلڙا، مهراڻ، عبرت مئگزين، تخيل، اُتساهه، ڪاوش مِڊ ويڪ، ڪاوش دنيا، دِي ڪيڊٽ، نونهال ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ لکيائين. ان کان سواءِ سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جهڙوڪ: ڪاوش، ڪوشش، عبرت، عوامي آواز، تعميرِ سنڌ، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، سُڪار، غريب نواز ۽ ٻين ۾ مسلسل سندس لکڻيون ڇپجنديون رهن ٿيون. اويس ڀٽو عملي زندگيءَ جي شروعات 2006ع گل ماڊل ڪاليج جيڪب آباد ۾ پڙهائڻ کان ڪئي. 2014ع کان 2016ع تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور پڙهايائين. 2016ع ۾ هو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌي مضمون جو اسپيشلسٽ طور ڀرتي ٿيو، جتي دَرسي ڪتابن جي سَنوارَ ۽ سُڌار جون ذميواريون سرانجام ڏيندو پيو اچي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘جهرڪيءَ کان انٽرويو’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2012ع)، ‘گلن مُٺ’ (مضمون: 2013ع)، ‘رانديڪو’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2014ع)، ‘تعليمي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي؟’ (تعليم: 2014ع)، ‘پيارَ جو پيرڊ’ (ڪهاڻيون: 2015ع)، ‘مِٺي ڳالهه’ (مضمون: 2015ع)، ‘ٻَهه ٻَهه ڪندڙ ٻالڪ’ (ٻاراڻي شاعري: 2016ع)، ‘ڪاميابيءَ جو راز’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2016ع) وغيره شامل آهن.


لفظ اويس ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.01.23  عيسوي

اويس ڀٽي جو 23 جنوري 1988ع تي ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گوبند پنجابي
جئسنگهاڻي شيام
رزاق سروهي
سڪينه عتيق الزمان
جميلا هاشمي 1
گل محمد چنا
چانڊيو امير احمد ’امير‘
طارق اشرف
رعنا شفيق
سجاد ظهير
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون